لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سيالڪوٽ وا??عي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي مو??عي تي ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائ?? رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته پوليس وا??عي جي ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪيس وڙه?? رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسليم ڪري. هن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وا??عي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڳالهه ٻ??له?? جو آپشن چونڊيو.
سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste