ملتان – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي ڪامياب اجلاس جي انعقاد تي سڄي د??يا ۾ پ??ڪستان کي ساراهيو پيو وڃي، پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائنسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، گذريل حڪومتي د??ر ۾ پ??ڏيهي وزير جي مقرري نه ڪري پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري د??يا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان جي قي??دت ۾ ملڪ جو وقار بلند ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه جي اهتمام هيٺ هڪ تقريب کي خطاب ڪند?? ڪيو. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان جي شروع کان خواهش آهي ته خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ افغانستان ۾ ترقي ٿئي ڇو ته افغانستان ۾ خوشحالي ايندي ته خطي ۾ به امن ٿيندو، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم مسئلو افغانستان جي 38 ملين عوام کي بک ۽ غربت کان بچائڻ آهي ۽ پاڪستان ان مسئلي تي اڳرائي ڪري ورتي ۽ افغانستان جي مسئلي تي د??يا کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قي??دت ۾ پ??ڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو آهي ۽ آئون ان تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون اين اي 156 جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن جو چونڊيل نمائندو سڄي د??يا ۾ پ??ڪستان جو ڀرپور ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ آئون اها خاطري ڪرايان ٿو ته پنهنجي ووٽرن ۽ قوم کي مايوس نه ڪندس، اسان سچي نيت سان ملڪي ترقي ۽ پاڪستان جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. معاشي سفارتڪاري تي به ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوامي امنگن موجب پر??يهي پاليسي جوڙي آهي جنهن ۾ سڀني ملڪن سان برابري جي سطح تي رابطن کي قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ پرعزم آهي. ان کان پوءِ پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه، ملڪ عثمان ڀٽه ۽ ٻين ساٿين سان گڏ او آءِ سي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد ت?? ڪيڪ ڪٽيو، ان کان اڳ هن ملتان ۾ مملڪتي وزير ملڪ عامر ڊوگر، بئريسٽر عثمان ڊوگر، ملڪ عدنان ڊوگر جي والده مرحومه جي رسم قل خواني ۾ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائنسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس