بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي ??در ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته وزيراعظم اڄ صدر شي جن پن?? پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وزيراعظم سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي ??والي سان چيني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون، ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي ??والي سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان جي چين جي ??وري جي ??والي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اڄ چين جي ??در پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي ??ڄ شام جو گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي ??در ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي ??رمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي ??وام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي ??وام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي ??ظهار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ملاقات ٿي، وزيراعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته وزيراعظم سڀاڻي چين جي ??در شي جن پنگ سان ون آن ون ملاقات ڪندو، صدر شي سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي ??والي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزيراعظم سان پاڪستان جي ??قتصادي لاڳاپن جي ??والي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ