اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشمير جي ??سئلي جي ??نصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ??ي، پاڪستان جي عوام ۽ ادارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ انهن جي آزادي کي حاصل ڪرڻ تائين ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم يڪجهتي ڪشمير جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ڪيو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ڏينهن آهي، جنهن کي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو ڏينهن آهي، ڪشمير جي ??سئلي جي حل لاءِ پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون، ادارا ۽ سڄي قوم هڪ زبان آهي. ڪشمير جي ??سئلي جو حل گڏيل قومن جي ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب هوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي گڏيل قومن جي انساني حقن جي تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته انتها پسند ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۾ تبديلي ڪري انساني حقن جي ??ائمالين جي بدترين مثالون قائم ڪندي لکين ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حق کان محروم ۽ نظربند ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسند ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هندوئن جي ??وآبادڪاري جي سا??ش کي فروغ ڏئي رهيو آهي ته جيئن والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، صادق سنجراڻي چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم ۽ زيادتي ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالين سان نه رڳو ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ٿيو آهي ??ر انهن جي غير قانوني قدمن تي آواز اٿي رهيا آهن، ڀارت جي ??وجوده حڪومت نه رڳو ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پر ڀارت ۾ رهندڙ سڀني اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن جا ادارا، تنظيمون ۽ جمهوريت پسند ملڪ ڪشمير جي ??سئلي کي گڏيل قومن جي ??راردادن ۽ ڪشميرن جي خواهشن موجب حل ڪرڻ لاءِ قدم ??ڻي.
ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ٿي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی