اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ??ختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن ??ي ملڪ جي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان ??ائدو کڻڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان سان ??لاقات دوران چئي جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نامزد سفير سان ڳالهائيندي ??در چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ٻطرفي واپار ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. ??ن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ??در سفير کي چيو ته هو ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. ??در نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو آمريڪا سان ??طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر