اسلام آب??د – 03 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ يورپي يون??ن جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب يورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير يوڪر??ن جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ياد ڪرائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان روس ۽ يوڪر??ن جي وچ ۾ تازي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ اميد ظاهر ??ئي ته سفارتڪاري سان ئي فوجي تڪرار کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي اثرن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم عمران خان سفارتي حل جي اهميت تي زور ڏيندو رهيو آهي. پرڏيهي وزير تازن واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي يورپي يون??ن جي اعليٰ نمائندي کي پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهه ??يو ۽ چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، پائيدار ڳالهين ۽ مسلسل سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي وزير لاڳاپيل گهڻ رخي معاهدن، عالمي قانونن ۽ گڏيل ??ومن جي چارٽر جي اصولن موجب معاملي جي حل جي اهميت تي زور ڏنو. جوزف بوريل صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي اجاگر ڪيو. هن سفارتي حل ڳولڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي اهميت کي تسليم ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يون??ن جي اعليٰ نمائندي بوريل ??طرفا رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر جوزف بوريل ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری