اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪاب??نا پاران قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پ??هن??ي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو ????هن??ي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، م??هن??ي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ مح?? وطن پاڪستان جي حيثيت ۽ قومي اسيمبلي جي مح??فظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ??يو ته هي خط پاڪستان جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڏنو ويو ??و هاڻي اهو خط م??هن??ي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ??يو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ??يندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪستان جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مون جيڪو ڪجهه چيو ????هن??ي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪاب??نا پاران اڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : números dupla sena