اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??پٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني چيو آهي ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سوئي سدرن گئس پائپ ??ائ??ن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايس اين جي پي ايل خيبرپختونخوا جو جنرل مينيجر پُڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڏاکڻي ضلعن خاص طور تي اين اي 35 بنون ۾ سوئي گئس بابت مسئلن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي، ڊپٽي اسپيڪر ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي ??اکڻي ضلعن ۾ قدرتي گئس جا وڏي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن جنهن مان نه رڳو خيبرپختونخوا پر ملڪ جي ٻين حصن کي به گئس فراهم ڪئي ويندي آهي، تنهن هوندي به انهن ضلعن جي رهندڙن کي گئس جي سپ??ائ??، لوڊشيڊنگ، گهٽ پر??شر جهڙا مسئلا درپيش آهن، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 بنون جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ ع??ائ??ن ۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ، گهٽ پر??شر ۽ سپ??ائ?? بابت مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي علي جاويد حمداڻي ڊپٽي اسپيڪر کي قومي اسيمبلي کي ڏاکڻي ضلعن خاص طور تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 جي ??ئس بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
عوامي مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: زاهد اڪرم خان دراني
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ