اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي، ضرورت جي 5 بنيادي شين کي ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل سبسڊي يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي پوري ملڪ ۾ غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي فراهم ڪئي ويندي. اهو فيصلو وزيراعظم ش??با?? شريف جي صدارت ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اٽي، کنڊ، گيهه/ کاڄرو تيل، دالين ۽ چانور جي بازار کان گهٽ اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ ۾ توسيع جي پڻ منظوري ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ يوِٽيلٽي اسٽورز جو گهٽ انگ ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي انگ ۾ اضافي جو ٺوس منصوبو ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي کي هن وقت ريليف جي سڀ ک??ن وڌيڪ ضرورت آهي، پيڙهيل طبقي جي ريليف جي لاءِ حڪومت هر قيمت خرچ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پيڙهيل طبقي کي ضرورت جي شين تي ريليف حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم سبسڊي جو نظام شفاف ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مختلف قسم جي سبسڊيون گڏ ڪري هڪ ٺوس نظام بڻايو وڃي ۽ خصوصي طور تي پيڙهيل طبقي کي ريليف جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ ناڻي، وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ عربت جي خاتمي واري وفاقي وزير کي تعاون سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجل??س کي يوٽيلٽي اسٽورز تي ڏني ويندڙ سبسڊي، پيڙهيل طبقي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي، يوٽيلٽي اسٽورز جي سڄي ملڪ ۾ انگ ۾ واڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سستي اٽي جي فراهمي جي پروگرام تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ملڪ ۾ هن وقت 3822 اسٽورز کي سڌوسنئون ۽ 1380 فرنچائيز هلائي رهيو آهي جڏهن ته 30 جولاءِ تائين بلوچستان، سنڌ، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب م 300 ک??ن وڌيڪ نوان اسٽورز ٺاهيا ويندا. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ش??با?? شريف جي ريليف پئڪيج تحت هيستائين 11 ڪروڙ 30 لک مستحق ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن جن کي في ڪلواٽي تي 60 رپيا، کنڊ تي 21 رپيا، گيهه تي 250 رپيا جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 15 – 20 رپيا ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وئي آهي، سبسڊي جو طريقيڪار ڊجيٽل آهي جڏهن ته نادرا ۽ غربت جي خاتمي واري وزارت جي ڊيٽا س??ن واڳيل آهي. اجل??س کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 942 يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم ش??با?? شريف جي خصوصي هدايت تي 1000 نوان سيل پوائنٽس ۽ 200 موبائيل اسٽورز جو اضافو ڪيو پيو وڃي. اجل??س کي بلوچستان جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ش??با?? شريف جي رمضان م دوري ۽ خصوصي هدايتن تحت بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي بازار کان رعايت تي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي جنهن جي لاءِ نه رڳو يوٽيلٽي اسٽورز پر موبائيل اسٽورز پڻ قائم ڪيا ويا اهن جن جي ڪري ڏورانهن علائقن تائين سبسڊي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي قدمن کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل نظام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي کي ساراهيو.
غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ