اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، ??لگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ?? گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاق??ت ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بلتستان يون??ور??ٽي ۾ وائيس چانسلر جي مستقل مقرري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته يون??ور??ٽي گلگت بتلستان جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يون??ور??ٽي کي درپيش مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪيو، موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، ??لگت بلتستان جو خطو موسمياتي تبديلين جي ڪري خصوصي طور تي متاثر ٿيو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن.
موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن