اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿ??ند?? تباهي جي نتيجي ۾ 1000 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. پاڪ فضائيه جا اهل??ار ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن، خيبرپختونخوا، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه طرفان بحالي جي عمل ۽ امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريس??ان?? ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 23655 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 1531 پاڻي جون بوتلون ۽ 3909 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا، مفت خوراڪ ۽ رهائش ??ي فراهم?? کانسواءِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 236 مريضن جو طبي معائنو پڻ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2