بيجنگ-10 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق چيو آهي ته چين جي وقت سر امداد ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مددگار ثابت ٿي ر??ي آهي. چيني اخبار گلوبل ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي مرڪزي حڪومت، فوج، صوبائي حڪومتن، فلاحي تنظيمن ۽ سرڪاري ۽ نجي ادارن ط??فان 640 ملين يوآن (89.94 ملين ڊالر) کان وڌيڪ ماليت جي مدد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو چيني عوام پڻ سفارتخاني کان سڌي ر??ت فلڊ ريلف اڪائونٽ ۾ عطيو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي صورتحال ۾ بدترين قدرتي آفت کي مُنهن ڏئي ر??يو آهي ۽ چين هميشه وانگر ان بحراني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد فراهم ڪئي. سفير چيو ته چين انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد ٻنهي ملڪن جي گهري دوستيءَ جي عڪاسي آهي. چيني حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ خيما، ڪمبل، کاڌي پيتي جي شين، پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري مصنوعات ۽ بجلي جا جنريٽرن تي ٻَڌل پهرين کيپ فراهم ڪري ڇڏي آهي جيڪا ڊاڪٽرن ۽ ماهرن تي ٻَڌل ٽيمون به پاڪستان موڪليون پيون وڃن. هن چيو ته چيني ڪمپني چائينا ٿري گورجز ڪارپوريشن ط??فان ڪروٽ هائيڊرو پاور اسٽيشن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي جيڪا 1.537 بلين ڪلو واٽ في ڪلاڪ جي مجموعي بجلي جي پيداوار سان بجلي فراهم ڪري ر??ي آهي. هن چيوت ه ڪروٽ هائيڊرو پاور اسٽيشن سي پيڪ تحت هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن سان قومي گرڊ ۾ 720 ميگاواٽ ماحول دوست بجلي شامل ٿي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هر سال 3.5 ملين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪا کي گهٽ ۾ مدد ملندي. ٻوڏ سبب خوش قسمتيءَ سان پاڪستان ۾ چيني ادارن ط??فان قائم ڪيل ڪروٽ ۽ ٻين هائيڊرو پاور رٿائن کي ڪو نقصان ناهي پهتو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 12 هز??ر ميگاواٽ شمسي توانائي جي حاصلات جو هدف مقرر ڪيو آهي جيڪو چيني ادارن جي تيار ڪيل ماحول دوست بجلي جي ر??ائن ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪيو آهي ۽ ڪروٽ هائيڊو پاور ۽ قابل تجديد توانائي جي ٻين رٿائن سان مقامي طور تي هز??رين ملازمتن جا موقعا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل سال 14 جولاءِ تي داسو هائيڊرو پاور اسٽيشن رٿا تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جو ذڪر ڪندي چيو ته چين پاسڪتان دوستي جي مخالفن ط??فان ڪيل حملو تيز رفت??ر اقتصادي ترقي کي متاثر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هئي پر ٻنهي ملڪن ط??فان قائدانه عزم ۽ ڪارڪنن جي دلجوئي سبب تمام ترقياتي منصوبن تي ڪم ??ار?? آهي ۽ داسو هائيڊو پاور اسٽيشن منصوبي تي افسوسناڪ حملي بعد فوري ڪم شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان چيني شهرين جي حفاظت ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڏي اهميت حاصل آهي، اسان گڏجي پنهنجن مخالفن جي ناپاڪ عزمن کي شڪست ڏينداسين.
چين جي وقت سر امداد ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مددگار ثابت ٿي رهي آهي: سفير معين الحق
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا