اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلم کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته اسان کي دنيا کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميرين جي خراب حالت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت جي لاءِ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ تصويرن جي نمائش کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ??يو ته سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ سياهه ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، هي ڏينهن هر سال ڀارت جي والاريل واديءَ ۾ غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن ??يو ته نمائش جو بنيادي مقصد ??ن ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي مسئلي بابت شاگردن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هن تصويري نمائش ۾ شاگردن جي اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيندي ??يو ته شاگردن پنهنجي تصويرن ذريعي ڪشميري عوام جي ڏکن جي واضح عڪاسي ڪئي آهي. هن ??يو ته اسان کي ڀارتي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلمن کي دنيا ۾ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تصويري نمائش منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري تصويرن جو مقابلو کٽيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورها??ا ۽ کين مبارڪُون ڏنيُون.
اسان کي دنيا کي ڀارتي ظلم کان آگاهه ڪرڻو پوندو: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia