طورخم – 17 – نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز عملدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪري?? ڊائون دوران 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر برآمد ڪري ورتا. ڪسٽمز عملدارن موجب سرحد جي ذريعي ??ير??لڪي ڪرنسي اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي گاڏين، بيگن جي چيڪنگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ٻن مسافرن کان وڏي مقدار ۾ ??ير??لڪي ڪرنسي برآمد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ڪسٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل تاج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلاشي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پلاسٽڪ بيگ برآمد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزار ڊالر جي ??ير??لڪي ڪرنسي موجود هئي. 17 نومبر تي ڪسٽمز عملي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلاشي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزار ڊالر جي ??ير??لڪي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي. ان ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ??ير??لڪي ڪرنسي خاص طور تي ڊالرز جي اسمگلنگ سان مڪ ۾ ڊالرز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان نه رڳو ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قوم?? معيشت پڻ متاثر ٿئي ٿي.
ڪسٽمز عملدارن جو بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون، 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر برآمد
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری