اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خنجراب ب??رڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??ڌا??ي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب ب??رڊر ٻن ڏينهن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري تي ۽ ٻئي مرحلي ۾ هن سال جنوري جي آخر کان فيبروري جي ش??وع تائين چين جي بهار جي تهوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خنجراب ب??رڊر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپارين جي سهولت لاءِ سرحد کي عارضي طور ٻيهر کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالتن جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي سرحدي عملدارن جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن