اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ڊي چوڪ تي ”يادگار دستور“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تقريب سومر تي ٿي. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت پارليامينٽ جي ميمبرن وڏي تع??اد ۾ يادگار دستور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سي ڊي اي 14 آگسٽ 2023ع کان اڳ ڊي چوڪ ۾ يادگار دستور مڪمل ڪندي. هن چيو ته 10 اپريل 1973ع تي متفقه آئين منظو?? ٿيڻ اهم قومي سنگ ميل آهي. اسلامي، وفاقي، پارلياماني ۽ جمهوري آئين جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي ڏئي ڇڏيو هو. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته 14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ 10 اپريل 1973ع سڀ کان اهم ڏينهن هو جڏهن متفقه آئين ٺهيو. دنيا جي ??ڪثر ملڪن ۾ دستور جي يادگار موجود آهي. ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي کي مبارڪون ڏيان ٿو جنهن يادگار جي ??عمير جو فيصلو ڪيو. اميد آهي ته جلد ان يادگار ??ي مڪمل ڪيو ويندو. يادگار جي ڊزائين لاءِ سڄي ملڪ ۾ مقابلو ڪر??يو ويندو ۽ آئين جي ??اندار ??زائين جي منظوري ڏني ويندي. شاهراهه دستور تي يادگار سان گڏ هڪ باغ به تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن سان شهرين کي تفريح به ميسر ايندي. اميد آهي ته يادگار دستور ۾ آئين تي صحيحون ڪندڙ تاريخي شخصيتن کي مناسب انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. اسپيڪر چيو ته يادگار جي ??قدس کي برقرار رکيو ويندو. اميد آهي ته سي ڊي اي ان طرف خاص ڌيان ڏيندي. هن سمورين سياسي پارٽين کي مخاطب ڪندي چيو ته اچو ته اسان سڀ سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي محسنن جو شڪريو ادا ڪريون. ان کانپوءِ اسپيڪر پارليامينٽ جي ??ڱڻ ۾ واقع يادگار شهيداءِ تي حاضري ڏني ۽ گل پيش ڪيا، بعد ۾ اسپيڪر ڊي چوڪ ۾ يادگار جي ??فتتاح طور تي باغ جو پهريون ٻوٽو به لڳايو. ان موقعي تي ملڪي ترقي، خوشحالي، آئين جي ??ربلندي ۽ جمهوريت جي ??ستحڪام لاءِ خصوصي دعا به ڪئي وئي. اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ 1973ع جي ??ئين جي منظوري سان لاڳاپيل تاريخي تصويرن تي ٻڌل ”تصويري نمائش“ جو افتتاح ڪيو.
آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ڊي چوڪ تي ”يادگار دستور“ جو پيڙهه جو پٿر رکيو ويو
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria