اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت پاڪستان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي معاهدي جي شقن موجب پاڪستان ۾ موجود 308 ڀارتي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن ج?? حوالي ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن طرفان جاري بيان موجب ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين ج?? فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ج?? حوالي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيدي آه??، بيان موجب پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آه?? ته هو انهن سمورن پاڪستاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آه?? ۽ انهن ج?? قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آه??. پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين ج??وري ۽ پهرين ج??لاءِ تي هڪٻئي جي حراست ۾ قيدين ج?? فهرستن ج?? مٽاسٽا ڪندا آه??. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي معاهدي تحت ٿيندي آه?? جنهن تي 21 مئي 2008ع تي صحيحيون ٿيون هيون.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا، پاڪستان 308 ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارتي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس