اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، دفاع، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ موجوده مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، دفاع، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ موجوده مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي لاءِ ميڪرو اڪنامڪ س??ار?? تي ڌيان ڏيندي. ان سلسلي ۾ هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي جيڪا پاڪستان ۾ ترجيحي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ??ائ?? ڪئي وئي آهي. ملاقات دوران ٻطرفن ۽ علائ??ائ?? اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ غزه ۽ بحيره احمر جي صورتحال جي صورتحال، افغانستان م ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم آمريڪي سفير آڏو ڊاڪٽر عافيه صديقي جو معاملو پڻ پرزور طريقي سان اٿاريو. وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا پاڪستان کي هڪ اهم پارٽنر سمجهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا ??ائ?? ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اميد ڪري ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : bolão quina