اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ سياسي ڊائيلاگ جو نائون دور ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيهي ??يڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ايزيڪ مو??ا ڪئي. ترجمان چيو ته هنن يورپي يونين جي فليگ شپ پروگرامز گلوبل گيٽ وي اسٽريٽجي ۽ هورائزن يورپ تحت نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورنر خن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان، واپار ۽ ترقياتي تعاون، سلامتي، مو??مياتي تبديلي کانسواءِ مائيگريشن ۽ مو??لٽي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ?? تيزي سان بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي جي وچ ۾ ويجهي ??عاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر