اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عي??الفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن اسان کي بحيثيت قوم رنڊڪن کي ختم ڪرڻ، ضرورتمندن جي لاءِ مدد جو هٿ وڌائڻ ۽ سڀني جي لاءِ هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو، اسان سڀني کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ اخوت، ڀائيچاري، سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ گڏيل ??تحاد ۽ يڪجهتي سان سرشار ٿي هڪ متحد ۽ مضبوط بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. عي??الفطر 1445هه جي مو??عي تي پيغام ۾ صدر چيو ته عي??الفطر جي هن خوشي جي مو??عي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو، آئون الله تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيان هي مبارڪ ڏينهن اسان جي لاءِ تمام گهڻيون برڪتون، خوشيون، امن ۽ سلامتي آڻي. هن چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ روزا، نماز ۽ صدقن ڏيڻ کانپوءِ هن مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن بي شمار نعمتن ۽ توفيق سان اسان کي رمضان المبارڪ جون اهي سموريون سعادتون ۽ خوشيون نصيب ٿيون آهن. رمضان دوران اسان الله جي اطاعت، تقويٰ، همدرديءَ ۽ سخاوت جي اصولن تي عمل پيرا ٿياسين. هن چيو ته عي??الفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي. هي مبارڪ ڏينهن ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته اسان ضرورتمندن، لاچارن، غريبن، يتيمن ۽ محتاجن جي ڀرپور مدد ڪندي انهن کي به عي?? جي خوشين ۾ شريڪ ڪريون. صدر چيو ته آئون پاڪستاني قوم پاران غزه ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي لاءِ اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم توهان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. اسان عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ فوري امن ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اسرائيل ??و ظلم، ڏاڍ ۽ نسل ڪشيءَ انساني حقن جي سنگين ترين خلاف ورزي آهي. صدر چيو ته اسان کي خوشي جي هن مو??عي تي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پڻ نه وسارڻ گهرجي. آئون انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل تائين انهن جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون هن مبارڪ ڏينهن جي مو??عي تي هر پاڪستاني ۽ پوري مسلمان امت جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ اسان جي قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي، اسان کي نيڪي جي راهه تي گامزن فرمائي ۽ اسان کي اتحاد، امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.
عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil