اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يا?? موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن ۾ سربراهي اجلاس جي ايجنڊا ک?? حتمي شڪل ڏني ويندي. ??يا?? موجب اهو اجلاس مسلمان ا??ت جي لاءِ اهڙي مشڪل وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن غزه جي عوام مسلسل جنگ واري حالت ۾ آهي. اهو اسلامي ملڪن جي سربراهن جي لاءِ هڪ اهم موقعو هوندو جتي اهي غزه جي صورتحال تي غور ڪن ۽ هڪ مضبوط، گڏيل ۽ متفقه موقف اختيار ڪن. سربراهي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار غزه ۾ تازي نسل ڪشيءَ، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ بنيادي خودمختياري جي حق، مسلمان ا??ت جي اتحاد ۽ يڪجهتي، اسلامو فوبيا ۾ اضافي، دهشتگردي ۽ عالمي چئلينجن بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شريڪ سربراهن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں