اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هرزيگوينا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چ??و ته بوسنيا هرزيگوينا سان پاڪس??ان جا اٽڪل ٽن ڏ??اڪ?? تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چ??و ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سفير چ??و ته سندس ملڪ پاڪس??ان سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بوسنيا هرزيگوينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪستاني ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏ??اڪ?? جي جنگ دوران بوسنيا هرزيگوينا جي حمايت تي پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بوسنيا هرزيگوينا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پاڪس??ان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پاڪس??ان بوسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي س??ن جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چ??و ته پاڪس??ان 1995ع جي س??يبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بوسنيا هرزيگوينا جي دوري جي دعوت ??ڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگوينا ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا