اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ – اردن لاڳاپن کي وڌي?? مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اردن جي سفير ڊاڪٽر معين خراست سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اردن جي سفير صدر کي 11 جون تي اردن ۾ غزه بابت انساني امداد تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. صدر سفير کي اردن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان پاران شرڪت جي خاطري ڪرائي. اردن جي سفير ان موقعي تي چيو ته اردن فلسطين ۾ انساني امداد جي ف??اه??ي جي لاءِ اخوت فائونڊيشن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. صدر فلسطين ۾ امداد پهچائڻ ۾ اردن جي ڪوش??ن کي سا??اه??و. سفير صدر آصف علي زرداري کي اردن شاهه پاران صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد جو پيغام پهچايو.
پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری