اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي تيز رفتار رستي ت?? گامزن ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليم کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هائبرڊ تعليم جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جو تعداد وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ فائونڊيشن ??ونيورسٽي اسلام آباد (ايف يو آءِ) بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي ڪيو، فائونڊيشن ??ونيورسٽي جي صدر وقار احمد ملڪ، ريڪٽر ميجر جنرل (ر) ناصر دلاور شاهه ۽ ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) پروفيسر ڊاڪٽر جواد خالق انصاري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وقار احمد ملڪ اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي سميت هيلٿ سائنسز، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪيل قابل ذڪر ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته فائونڊيشن ??ونيورسٽي تعليم، تحقيق ۽ تخليق ۾ مهارت جي ذريعي انساني وسيلن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي، فائونڊيشن ??ونيورسٽي مان 2015ع کان 2020ع جي دوران 8960 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم مڪمل ڪئ?? ۽ ??ي ايڇ ڊي گريجوئيشن جو تعداد وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
هن چيو ته يونيورسٽي جي انڊومنٽ ف??ڊ جي ذريعي مستحق شاگردن کي ميرٽ وظيفا، ضرورت تي ٻڌل مالي مدد ۽ فيس ۾ ڇوٽ به فراهم ڪري رهي آهي. صدر يونيورسٽي جي انتظاميه کي چيو ته هو ايڇ اي سي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ معذر شاگردن جي ڀلائي ۽ ترقي جي پاليسين کي لاڳو ڪري ٽيوشن ??يس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس سميت سمورا اداره جاتي معاوضو معاف ڪري رهي آهي. هن يونيورسٽي تي زور ڏنو ته هو پنهنجي حڪمت عمل?? ۽ ??يزن تي نظرثاني ڪري ته جيئن ان جي رسائي کي وڌائڻ، هائبر?? ۽ ??رچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ ۽ معياري گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا تيزي سان تبديلي مان گذري رهي آه?? ۽ ??اڪستان کي به چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊيٽا تجربي جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم خاص طور تي هيلٿ سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ فائونڊيشن ??ونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کي ساراهيو.