اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ پيداو??ر حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضروري کاڌي پيتي جي شين جي پيداوار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پرائيم من??ٽر ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکيا آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي مد ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراه?? ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي مارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کنيا آهن ته جيئن مختلف ضروري شين جي پيداوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻ??ڌا??و ته ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هلندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداو??ر حاصل ٿي آهي. هن ٻ??ڌا??و ته ڪمند جي پيداوار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن آهي ج??ڪو گذريل سال کان 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. چانورن جي پيداوار جو ڳاڻيٽو 8.84 ملين ٽن آهي ج??ڪو گذريل سال کان 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مڪئي جي پيداوار جو ڳاڻيٽو 9 ملين ٽن، مڱيرا 268 هزار ٽن آهي، ج??ڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ ترتيبوار 27 ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بصر جي پيداوار هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻ??ڌا??و ته حڪومت ضروري شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جيئن قيمتون مستحڪم رهن.
ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار آهي: سيد فخر امام
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری