اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي اجلاس ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن جي خاتمي، معاشرتي خرابين جي اصلاح ۾ عالم سڳورن جي ڪردار، معاشري ۾ ڪوڙين خبرن، غيبت ۽ بداخلاقي جي روڪٿام، عورت جي وراثت ۾ حق، طهارت ۽ صفائي، تزڪيه نفس جي اهتمام، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي قرارداد ?? عالمي ڏينهن مقرر ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن ۾ سهولت ۽ نرمي جو اعلان ڪيو ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڪ ٺوس ضابطه اخلاق تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا کان اڳتي بچاءُ ۽ حفاظت جي لاءِ دعائن جو اهتمام ڪيو وڃي، بحيثيت قوم پنهنجي غلطين جي الله تعاليٰ کان معافي گهري وڃي ۽ شڪر ادا ڪيو وڃي ته الله س??حان و تعاليٰ ڪورونا وبا ٽاري ڇڏي آهي ۽ گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ جيڪي پابنديون هيون هاڻي الحمدالله انهن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، عالم سڳورن وزيراعظم عمران خان کي اسلامو فوبيا جي تدارڪ ۽ ناموس رسالت ﷺ جي لاءِ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن تي خراج تحسي?? پيش ڪيو ۽ سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عوامي بيداري جي لاءِ معتبر عالم سڳورن ۽ ديني اسڪالرز اسلامو فوبيا جي خلاف قراردادن ۽ ان جي ضرورت ۽ اهميت جي حوالي سان اشاعتي مهم جي اهتمام تي اتفاق ڪيو. ان حوالي سان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ قومي عالم سڳورن جو اجلاس اسلام آباد ?? سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن جي خاتمي، معاشرتي خرابين جي اصلاح ۾ عالم سڳورن جي ڪردار، معاشري ۾ ڪوڙين خبرن، غيبت ۽ بداخلاقي جي روڪٿام، عورت جو وراثت ۾ حق، طهارت ۽ صفائي، تزڪيه نفس جي اهتمام، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي قرارداد ?? عالمي ڏينهن مقرر ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بحث ڪيو ويو. وبا دوران عالم سڳورن جي ڀرپور تعاون جي ذريعي ئي مذهبي عبادتن ۽ اجتماعن ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ٿيو. پاڪستان پوري اسلامي دنيا ۾ اهو واحد ملڪ هو جنهن ڪورونا وبا جي عروج جي ڏينهن ۾ به احتياطي تدبيرن سان مسجدن ۽ امام بارگاهن کي الله تعاليٰ جي عبادت جي لاءِ کليل رکيو. مسجدن جي انتظاميا ۽ ممبر ۽ محراب جي وارثن جنهن نظم ۽ ضبط ۽ ڊسپلن جو مظاهرو ڪيو اهو بي مثال هو. هاڻي عالم سڳورن کي ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن ۾ سهولت ۽ نرمي جو اعلان ڪرڻو آهي. سمورن شرڪت ڪندڙن تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڪ ٺوس ضابطه اخلاق تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ته ڪورونا وبا کان اڳتي بچاءُ ۽ حفاظت جي لاءِ دعائن جو اهتمام ڪيو وڃي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان بحيثيت قوم پنهنجي غلطين جي الله تعاليٰ کان معافي گهرون ٿا ۽ شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪورونا وبا الله س??حان و تعاليٰ ٽاري ڇڏي، گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ جيڪي ڪورونا وبا جون پابنديون هيون هاڻي الحمدالله انهن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عمارتن جي اندر ماسڪ جو استعمال بهتر رهندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسجدن ۾ فاصلي کي هاڻي واپس معمول تي آندو وڃي جڏهن ته جيڪي ماڻهو احتياط طور ماسڪ پائڻ چاهين ته ضرور جاري رکن، بزرگ شهرين کي درخواست ڪئي وئي ته ٻيهر مسجدن ۾ نمازن ۽ عبادتن جو اهتمام جاري رکن، مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ صفائي ۽ طهارت جي لاءِ گذريل هدايتن کي جاري رکن ڇو ته طهارت نصف ايمان آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته اسان حڪومت ۽ اين سي او سي جي ڪامياب پاليسي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ قوم جا ٿورا مڃون ٿا ته هن عالم سڳورن جي گذارشن تي عمل ڪيو. ضرورت پوڻ تي اڳتي به ڪورونا بابت اين سي او سي جي هدايتن کي نظر ۾ رکيو ويندو. اجلاس ۾ عالم سڳورن وزيراعظم عمران خان جي اسلامو فوبيا جي تدارڪ ۽ ناموس رسالت ﷺ جي لاءِ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن تي خراج تحسي?? پيش ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي عوامي بيداري جي لاءِ معتبر عالم سڳورا ۽ ديني اسڪالرز اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد ?? ان جي ضرورت ۽ اهميت جي حوالي سان اشاعتي مهم جو اهتمام ڪن. عالم سڳورا مسجد ۽ محراب تان معاشرتي مسئلن جي حل، جهڙوڪ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ماحول جي صفائي، عورتن جي وراثت جي حقن، حفظان صحت، آبادي جي ڀلائي وغيره ۾ اڳ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن ۽ ان ڏس ۾ حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏيندا. اجلاس ۾ چيو ويو ته اسان فاسق جي خبر، غيبت آ۽ فيڪ نيوز جي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي يلغار جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اتفاق ڪيو ته اسان ممبر ۽ محراب، خاندان، اسڪول ۽ مدرسن جي ذريعي عوامي آگاهي ۽ ڪردارسازي جي ڪم کي وڌيڪ وڌائيندي حڪومتي ڪوششن جو مڪمل ساٿ ڏينداسين.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو