لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قابل آفيسر بنا شڪ جي ملڪ جو قيمتي ا??اثو هوندا آهن ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سياسي حڪومت جي رهنمائي ڪندا آهن، جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سول ۽ انتظاميا جي آفيسرن سان ملاقات دوران ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ آفيسرن وزيراعظم کي گورننس، انتظامي معاملن ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي س??ن پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دل جي گهراين سان توهان کي عيد جي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو هتي توهان جهڙا قابل آفيسر موجود آهن، بنا ڪنهن شڪ جي توهان ملڪ جو قيمتي ا??اثو آهيو، قابل آفيسر سياسي حڪومت جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رهنمائي ۽ معاونت ڪندا آهن. هن چيو ته جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي، ڪپت??ن پنهنجي ٽيم کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته احتساب ۽ شفافيت جي آڙ ۾ آفيسرن کي بنا ڪنهن سبب جي هراسان ڪري انهن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته قومي خدمت اسان جو نصب العين آهي، ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت قبول نه آهي، الله مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، م??هنجو اهو عزم آهي ته قابل آفيسرن سان گڏجي اهو سفر شروع ڪريان. هن چيو ته احتساب ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ قانونن جي حوالي سان سمو??ين ڌ??ين سان مشاورت ڪئي ويندي، سول سرونٽس حڪومتي ٽيم جو حصو هوندا آهن انهن جي خدشن جو تدارڪ پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، اڳوڻن چيف سيڪريٽ??ين ۽ مختلف کاتن جي سربراهن مستقبل جي منصوبن، م??ثر بيورڪريسي جي ڪردار ۽ عوام کي مختلف شعبن ۾ ريليف جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون.
قابل آفيسر بنا شڪ جي ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سياسي حڪومت جي رهنمائي ڪندا آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea