اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت ت??دي?? ٿي چڪي آهي، ان ۾ موبائيل جرنلز اهميت ا??تي??ر ڪري وئي آهي، موبائيل جرنلزم خبر جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ موبائيل جرنلزم جي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ادارن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پاڪستان جي رپورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ق??م کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2018ع ۾ اسان انفارميشن سروس اڪيڊمي جو پورو نصاب جوڙي ڇڏيو هو. انفارميشن سروس اڪيڊمي کي جديد ٽيڪ??ال??جي سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي آفيسرن جي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته موبائيل جرنلزم جي تربيتي ورڪشاپ ۾ عورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪنهن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران عورت صحافين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ موبائيل جرنلزم تي ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 27 ۽ 28 مئي 2022ع تي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.
صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان