اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ڊاڪٽر احسن ??قبال چيو آهي ته اُسرندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف جي ضرورت ??هي?? حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي، ترقي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو ??هي?? جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيل ٻوڏ سبب نقصان 46.4 ارب ڊالرن ??ائين پهچي ويو آهي. ٻوڏ سبب غربت ۾ 3.7 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو تائين واڌ ٿي ??هي?? 84 لک کان 91 لک م??ڻه?? غربت جو شڪار ٿيا، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک آبادي متاثر ٿي ??هي?? 25 غريب ترين ضلعن ۾ پڻ 19 ضلعا ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. فرينڊز آف پاڪستان ڪانفرنس 10 جنوري تي منعقد ٿيندي. اهڙو اظهار هن پائيدار ترقيءَ واري اداري جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ کانپوءِ ڪيترائي چئلينج موجود آهن، سمورن ??ارڪ ملڪن کي بهتر زندگيءَ جي معيار جا چئيلنجز سامهون آهن. سارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون، روس ۽ يوڪرين جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. سارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون عالمي برادريءَ جو توجهه چاهين ٿيون، عالمي امدادي ادارا سارڪ ملڪن کي 30 کان 35 سالن جي ڊگهي مُ??ي جا قرض ڏين، سارڪ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مُ??ي وارن فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطي جي ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ موسمياتي تبديليءَ جهڙا چئلينجز آڏو آهن. روس ۽ يوڪرين جنگ سبب اُسرندڙ ملڪن تي دٻاءُ ??هي?? بين الاقوامي مالياتي ادارا اُسرندڙ ملڪن کي ڊگهي مُ??ي جا سستا قرض فراهم ڪن. ڊاڪٽر احسن ??قبال چيو ته معاشي بحالي هڪ ڊگهي مُ??ي واري ايجنڊا آهن، خطي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ادائگي جي توازن جا بحران موجود آهن، اُسرندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف ڏيڻ جي ضرورت ??هي?? حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو ??هي?? ٻوڏ سبب لکين م??ڻه?? بيروزگار ٿيا آهن، سماجي تحفظ جي پروگرامن تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اُسرندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن: ڊاڪٽر احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil