اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل عرب امارات جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي ??جي??ن ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم حيات بائيو ٽيڪ پاران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور تي ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جي ??جي??ن ڪئي. هن دورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد تو??نائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وي??دي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات تو??نائي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ ??نصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان تو??نائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ ??وندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ