اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي في ايڪڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين په?? يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگا??ن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏ??ند??، نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وز??را??ظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن طارق بش??ر چيما، مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خرم دستگير خان، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وز??را??ظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت جي انگن اکرن سان گڏوگڏ يوريا صنعت کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم چيو ته گذريل هڪ سال ۾ حڪومت آبادگا??ن جي خوشحالي ۽ زراعت جي شعبي جي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي آهي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته يوريا جي پيداوار ۽ ان جي کپت کي نظر ۾ رکندي صنعتن کي گئس جي فراهمي ۽ بفر اسٽاڪس جي هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين په?? يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگا??ن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏ??ند??. اجلاس کي گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پيداوار ۽ متوقع طلب جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي نيلم جهلم منصوبي جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري هلندڙ سال جولاءِ ۾ ان کان گهٽ لاڳت بجلي جي پيداوار ٻيهر شروع ڪئي ويندي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ رکي وڃي.
آبادگارن کي في ايڪڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت