لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي ز??ر ڏنو آهي ته اهي تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ ج?? ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پ??رو ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته بادشاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم اڳواڻن تي ز??ر ڏنو ته اهي دولت مشترڪه تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ ج?? ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پ??رو ٿي سگهي. وزيراعظم پاڪستاني نوجوانن ۽ هنرمندن کي بهترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان جي حڪومت عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهي آهي ۽ پٺتي پيل طبقو جهڙوڪ مذهبي ۽ نسلي اقليتن، معذور ماڻهن ۽ ٽرانسج??نڊ?? ڪميونٽي کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي رهي آهي.
دولت مشترڪه جا اڳواڻ تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania