اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافي اعظم چوڌري جي حوالي سان ”فرائيڊي ٽائيمز“ ۾ شايع ٿيندڙ خبر کي غلط ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن پي ٽي وي جو ملازم رهيو آهي، هي پي ٽي وي جي مسئلن تي ٻڌل تجزيه ڪارن جي پول جو رڳو هڪ ميمبر آهي، ان کي ان پول تان هٽايو ناهي ويو ۽ نه ئي ان کي ڇڏڻ جي لاءِ چيو ويو آهي، ان سان اهڙي قسم جي ڪا ڳال??ه نه ٿي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ ڪجهه حقيقتون پيش ڪندي چيو ته حڪومت ان صحافي جي خيالن ۽ راءِ کان آگاهه هجڻ جي باوجود ان کي پريس ڪانفرنس ۾ گهرايو، جيڪڏهن حڪومت ان جو آواز يا سوال کي دٻائڻ چاهي ها ته ان کي گهرايو نه وڃي ها ۽ ان کي سوال پڇڻ جو مو??عو نه ڏنو وڃي ها. هن چيو ته وزيراع??م ان صحافي جي سوال جو تفصيل سان جواب ڏنو. مو?? به ان جي سوال جو جواب ڏنو. وزيراع??م اُن ڏينهن گورنر هائوس لاهور جي ڪمري ۾ مختلف رپورٽرز جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪافي وقت گذاريو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته گذريل پي ٽي آءِ حڪومت ۽ ان جي فاشسٽ وزيراعظم جنهن کي رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ قرار ڏنو هو، جي ابتڙ وزيراعظم شهباز شريف ۽ موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي.
اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن پي ٽي وي جو ملازم رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil