برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيه?? وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيه?? وزير اهڙن خيالن جو اظهار برسلز ۾ سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو تسلسل انتهائي خوش آئن??ه آهي. نگران پرڏيه?? وزير چيو ته ان قدم سان يورپي يونين سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ سفارتي عملي نگران پرڏيه?? وزير جليل عباس جيلاني جي شاندار آجيان ڪئي. نگران پرڏيه?? وزير قونصلر سي??شن سميت سفارتخاني جي مختلف سي??شنز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيه?? وزير سفارتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ