اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، ??فا??ي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ان ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ض??ورتون پوريون ڪنديون. اها ڳالهه هن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيندڙ ??را??داد نمبر 562 جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ مان منظور ٿيل ??را??داد بابت اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪشن ڪميشن امن امان جي بحالي لاءِ نگران ??فا??ي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024ع جون عام چونڊون پرامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن بابت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ به جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چيو آهي ته ماضي ۾ به عام چونڊون ۽ بلدي??تي چونڊون سرديءَ جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن، انهن حقيقتن جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن جي لاءِ ان مرحلي تي 2024ع جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.
اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ