اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پ??ندو، ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جي فروغ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ ??بل?? ڪيشن ڊسپلي سينٽر قائم ڪري بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ ??بل?? ڪيشن (DEMP) پاران قائم ڪي?? پهرين ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ ??بل?? ڪيشن 2012ع ۾ ٻن ادارن جي انضمام سان قائم ٿيو، ڊائريڪٽوريٽ آف فلم ??بل?? ڪيشن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ موجود هو. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ ??بل?? ڪيشن تمام ئي ناياب قسم جا ڪتاب ۽ تصويرون شايع ڪري رهيو آهي. هن اداري جون ??بل?? ڪيشنز قائداعظم جي مزار، شڪر پڙين، لوڪ ورثه ۽ عام مارڪيٽ ۾ پڻ دستياب آهن. هن چيو ته DEMP جا ڊسپلي سينٽر ٻين جاين تي پڻ قائم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ تحقيق جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، هن اداري عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏنو، ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ DEMP جي پوري ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٿوري وقت ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو جنهن تي ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ڊسپلي سينٽر ۾ رکيل ڪتاب ۽ ??بل?? ڪيشنز اعليٰ معيار جون آهن. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جو فروغ لازمي آهي.
عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر