اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملا??ات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ??مپنيز لي ڪوانگ سان وفاقي وزيرن ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ??وئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چيو ته انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سهولتن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. بيجنگ ۾ ڪاروباري گروپس جي سربراهن سان ملا??ات جي موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري ت?? مثبت اثر پوندا.
نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ