اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبناز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي ??رو?? ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر ساليا??و تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيو??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار ۽ ڪسٽمز واري وزير ڊاڪٽر عمر بولات جي سربراهي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، سردار اويس لغاري، پ??ڪس??ان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد پڻ شريڪ هو. ترڪ وفد ۾ ترڪيه جو نائب واپار وارو وزير مصطفيٰ تزجو، TOBB جو صدر رفعت حصار جڪليوعلو، DEIK جو صدر نَيل اولپڪ، ترڪيه ڪنٽريڪٽر ايسوسيئيشن جو صدر ايردال ايرن، MUSIAD جو صدر محمود عصمالي، TUMSIAD جو صدر ريشار دوعان، ASKON جو صدر اورحان آئيدن، ترڪيه ايڪسپورٽر اسيمبلي جو صدر اتيله يرليڪايا ۽ ALBAYRAK هولڊنگ جو چيئرمين احمت البيراڪ سان گڏوگڏ پ??ڪس??ان ۾ ترڪيه جو سفير مهمت پاچاجي شامل هو. وزيراعظم ترڪ سيڙپڪارن جي وفد جي پ??ڪس??ان جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه ۽ پ??ڪس??ان جي عوام جي وچ ۾ مثالي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن. ترڪيه ۽ پ??ڪس??ان هڪ قوم ٻه رياست آه??. و??يراعظم چيو ته پ??ڪس??ان حڪومت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي ??رو?? جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي کي موجوده سطح کان وڌائي ساليانو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ تي اتفاق ٿيو. واپاري ڪاٿي کي ساليانو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيو??. و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ترڪيه جي صدر کي جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پ??ڪس??اني عوام ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي پ??ڪس??ان جي دوري جي منتظر آهي. ترڪيه جي سيڙپڪار وفد جو دورو، پ??ڪس??ان ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ خوش آئنده ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ ترڪيه جي واپار واري وزير چيو ته 54 ترڪ سيڙپڪار ڪمپنين جي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جو موجوده ڪاٿو 3.5 ارب ڊالر آهي. ترڪيه جي سيڙپڪارن پ??ڪس??ان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ترڪ وفد 2023ع جي زلزلي ?? پاڪستان پاران متاثر ترڪ ڀينرن ڀائرن جي ڀرپور امداد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ