اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه هوندي. سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏ??هن، قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ما??هو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ما??هن تي لاڳو نه هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 65 ??ال?? کان وڏي عمر جي مرد قيدين تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 60 سال کان وڏي عمر جي عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ٻارن سان گڏ جيل ۾ موجود عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪاٽي ڇڏيندڙ 18 سال کان گهٽ عمر جي ما??هن تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو هوندي.
صدر آصف علي زرداري پاران آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے