اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي انفورسمنٽ نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، نجي شعبي جو فروغ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، فعال ۽ خوشحال نجي شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي ضروري ??هي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وز??راعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معامن بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي ??ار?? وفاقي وز??ر احسن اقبال، قانون ۽ انصاف ??ار?? وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن ??ار?? وفاقي وز??ر احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين ??ار?? وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري ??ار?? وفاقي وز??ر عبدالعليم خان، پيٽروليم ??ار?? وفاقي وز??ر مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين ??ار?? مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي جي انتظام جي حوالي سان ايف بي آر جي هوم گرون ٽرانسفارميشن پلان جي اصولي منظوري ڏني وئي. وز??راعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. وز??راعظم چيو ته اوڳاڙين ۾ بهتري سان عوام کي خدمتن جي فراهمي ۽ سماجي شعبي ۾ بهتري ايندي. وز??راعظم چيو ته ايف بي آر جو انفورسمنٽ نظام بهتر بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت ??هي. وز??راعظم ان حوالي سان ايف بي آر جي انفورسمنٽ جي نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته سٺي ٽيڪس ڏيندڙن کي ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تي مشاورت جي لاءِ گهرايو وڃي ۽ انهن کان تجويزون ورتيون وڃن. وز??راعظم ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي سان سمورين لاڳاپيل ڌرين سان وڌيڪ مشاورت ۽ ايف بي آر کي انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان گڏجي تفصيلي تبديلين جي منظوري حاصل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نجي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي وز??راعظم چيو ته نجي شعبي جو فروغ حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ??هي. فعال ۽ خوشحال نجي شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي ضروري ??هي. وز??راعظم ايف بي آر جي سمورن منصوبن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي تاڪيد ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر پلان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو موثر استعمال، ٽيڪس وصولي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايمانداري سان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي جي حوصلا افزائي ۽ ٽيڪس قانونن کي لاڳو ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي شامل ??هي. اهو پروگرام ايف بي آر جي آفيسرن ۽ ماهرن ايف بي آر چيئرمين سان گڏجي گذريل 40 ڏينهن ۾ جوڙيو ??هي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پروگرام سان معاشي ترقي جو سفر روڪڻ کانسواءِ بهتر انداز ۾ وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري سگهبو ۽ هر طبقي مان پوروٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن کي وڌيڪ آسانيون ڏنيون وينديون. تجويزن موجب وقت تي پورو ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ۽ فراڊ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قدمن ۽ ڏيتي ليتي تي پابنديون هڻي سگهجن ٿيون جنهن سان معاشري ۾ ٽيڪس چوري جي رجحان کي روڪي سگهبو. اهو قدم سٺي ٽيڪس ڏيندڙن سان وسيع مشاورت کانپوءِ لاڳو ٿيندو. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي جي انتظام جي حوالي سان ايف بي آر جي هوم گرون ٽرانسفارميشن پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو پلان وز??راعظم جي هدايت تي ايف بي آر ملڪ جي ٻين معاشي ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن سان گڏجي گذريل 25 سالن جي ٽيڪس وصولي جي تفصيلي تجزيي کانپوءِ جوڙيو ??هي. ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تحت ايف بي آر جي آڊٽنگ جي صلاحيت وڌائ?? ويندي. پهرين مرحلي ۾ ملڪ کي 32 سيڪڙو ٽيڪس روينيو ڏيندڙ لارج ٽيڪس پيئرز يونٽ، ڪراچي ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ ديانتدار آفيسرن جي مقرري کي يقيني بڻايو ويندو ۽ انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي لاءِ آڊيٽرز ۽ ماهرن جون خدمتون حاصل هونديون. عمده ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي کي اعزازيو پڻ ڏنو ويندو ۽ وڏي گهٽ مدي ۾ ان ماڊل کي سموري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر آفيسرن کي ڪامن ٽريننگ ۽ اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرامز کانپوءِ ملڪ جي بهترين يونيورسٽين مان پروفيشنل ڊگري پروگرام پورو ڪرڻو پوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪسٽم ڊيوٽي جي چوري جي روڪٿام جي لاءِ اپريزمنٽ ۽ انفورسمنٽ جو اهڙو پروگرام جوڙيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اپريزر ۽ انسپيڪٽر کي اڳ کان پنهنجي اسائنمٽ جي خبر نه هوندي ۽ ڪم دوران ان جي ڪئيمرائن سان نگراني پڻ ڪئ?? ويندي. ڪسٽمز انسپيڪٽرز کي سٺي ڪارڪردگي تي پذيرائي ۽ دير ??ار?? حربن ۽ بدعنواني تي سخت سزا ڏن?? ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ايف ڊبليو او جي مدد ۽ تعاون سان نئين چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.
وزيراعظم پاران ايف بي آر جي انفورسمنٽ نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل