اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته ٽين ملڪ گير پوليو جي روڪٿام واري ??هم جاري آهي، سڄي ملڪ ۾ 4.5 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. پوليو ورڪرز 3 نومبر تائين سڄي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر گهر وڃي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي پختي عزم سان پاڪستان پوليو پروگرام گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پوليو ??هم جي شروعات ڪئي هئي جنهن جو اڱاري ڏينهن ٻي?? ڏينهن هو. ان ??هم جو هدف سڄي ملڪ ۾ 4.5 ڪروڙ ٻارن تائين ??هچ حاصل ڪرڻ آهي. سڄي ملڪ ۾ پوليو ??هم 28 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا ويندا. ان کان علاوه ٻارن جي قوتِ مدافعت مضبوط ڪرڻ لاءِ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پوليو پروگرام وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ ٻارن کي پوليو سبب ٿيندڙ معذوريءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ نئين جذبي ۽ عزم سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن جي ويڪسينيشن کي ترجيح ڏين. هن چيو ته وائرس 71 ضلعن ۾ ڦهلجي چڪو آهي ۽ اهو هڪ حقيقي خطرو آهي. والدين طور اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان پنهنجي ٻارن جو تحفظ يقيني بڻايون. ان موقعي تي پوليو جي روڪٿام بابت قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڪئپٽن (ر) محمد انوار الحق والدين تي زور ڀريو ته هو پوليو ورڪرز سان مڪمل سهڪار ڪن. هن چيو ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، جيڪڏهن پوليو ويڪسين ڪرائي وڃي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ان موذي مرض کان محفوظ رکي سگهون ٿا. پوليو ??هم دوران ۽ بعد ۾ صحت تحفظ هيلپ لائن 1166 ۽ 24 ڪلاڪ واٽس ايپ هيلپ لائن 03467776546 والدين ۽ ٻي?? جي رهنمائيءَ لاءِ دستياب رهندو. هتي نه صرف پوليو ويڪسين کان محروم رهجي ويل ٻارن جو اطلاع ڏئي سگهبو پر ٻي ڄاڻ به حاصل ڪري سگهبي.
ٽين ملڪ گير پوليو جي روڪٿام واري مهم ۾ 4.5 ڪروڙ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي: عائشه رضا فاروق
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت