اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چي?? آهي ته ڪاروبار، صنعتن ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ اسٽيٽ بئنڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي صو??تح??ل بهتر آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان ??ي قرضن جو پروفائيل بهتر ٿيو آهي. هن اها ڳالهه ايف پي سي سي آءِ جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چي?? ته اسان ??و تجزيو آهي ته 2025ع جي آخر تائين مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو جي مستحڪم سطح تي اچي ويندي. ان ??ان مجموعي معيشت کي فائدو پهچندو، ميڊيم ٽرم هدفن کي حاصل ڪرڻ سان ??اقي معاملا پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندا. هن چي?? ته صنعتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان ??ي اولين ترجيح آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ضروري آهي. 2023ع ۾ مشڪلاتن سبب ڪاروباري برادري کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو پر مشڪل حالتن باوجود اسان ??ون صنعتون هلنديون رهيون ۽ ان ??ي نتيجي ۾ اڄ اسان معيشت کي مڪمل طور تي هلائڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چي?? ته ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي صو??تح??ل بهتر آهي، ان ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار جو وڏو ڪردار آهي. روانگي واپار ۾ جيتوڻيڪ اضافو ٿيو آهي تنهن هوندي به اهو اسان ??ي اميدن جي موجب ناهي ۽ ان ۾ وڌيڪ گنجائش موجود آهي. جيستائين اسان ??ي روانگي واپار ۾ چڱو خاصو اضافو نٿو ٿئي ان وقت تائين ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن ۽ ادائيگين ۾ توازن جا مسئلا موجود رهندا. هن چي?? ته مٽاسٽا جي ناڻي جو شعبو بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، هن وقت مٽاسٽا ناڻي جي ماهوار سراسري 3 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، ان ??و سب اسان ??ا ڪرنٽ اڪائونٽ کاتا سٺي پوزيشن ۾ آهن، اسان کي اميد آهي ۽ اسان ??و هدف آهي ته مالي سال جي پڄاڻي تي گهٽ کان گهٽ 35 ارب ڊالرن جي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ڪري سگهجي. هن وقت ڪرنٽ اڪائونٽ جا کاتا فاضل آهن، اسان ??ي ڪوشش آهي ته اها صو??تح??ل برقرار رهي.
اسٽيٽ بئنڪ ڪاروبار، صنعتن ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي: گورنر
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری