واشنگٽن -03 جولائي (اي پي پي ) آمريڪا جلد يوڪر??ن کي واڌو ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪندو. اها ڳالهه آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن پينٽاگون ۾ پنهنجي يوڪرين جي هم منصب رست?? عمروف سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته هو واشنگٽن ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ نيٽو سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ نيٽو جي رڪنيت جو رستاکولڻ جا قدم کڻنداسين. رائٽرز موجب آمريڪي دفاع واري وزير چيو ته نئين فوجي امداد تحت يوڪرين لاءِ جديد ترين هٿيارن جي پيڪج ۾ ٽينڪ شڪن هٿيار ۽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز اين اي ايس ۽ پيٽرياٽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز شامل هوندا. آمريڪا 2022ع کان يوڪر??ن کي 50ارب ڊالرن کان به وڌيڪ ماليت جي فوجي امداد فراهم ڪئي آهي پر 5 نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ جي صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد جي مستقبل بابت خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ٽرمپ جي ٻن اهم مشيرن ان کي هڪ اهم منصوبو پيش ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊون کٽي ويو ته يوڪرين جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين ان ۾ يوڪر??ن کي ٻڌ??ئڻ شامل آهي ته ان کي وڌيڪ آمريڪي هٿيار رڳو ان صورت ۾ ملندا جڏهن هو روس سان امن جون ڳالهيو?? شروع ڪندو. ان تجويز سان جنگ بابت آمريڪي پوزيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان کي يورپي اتحادين ۽ ٽرمپ جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جي اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. يوڪرين جي دفاع واري وزير رست?? عمروف ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ نئين فوجي امداد جي فراهمي جي فيصلي تي آمريڪا جو شڪ??يو ادا ڪيو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان موقعي تي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيٽو جي ايندڙ سربراهي اجلاس ۾ يوڪر??ن کي دفاعي اتحاد جي رڪنيت ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿيندي.
آمريڪا جلد يوڪرين کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha