واشنگٽن-19 سيپٽمبر(اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي صدر جوبائيڊن کي ملڪ ۾ 30هين پاڪستاني سفير جي حيثيت سان پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. بليئر هائوس ۾ گذريل ڏينهن منعقد ٿيل تقريب ۾ صدر جوبائيڊن پاڪستاني سفير جي آجيان ڪندي چيو ته آمريڪا اهم عالمي ۽ علائقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ آهي. پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب تقريب ۾ ڊپ??وميٽڪ ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ آمريڪي انتظاميه جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستاني سفير پنهنجي رمارڪس ۾ صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام پاران آمريڪي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??ندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپا آهن، هن پاڪستان لاءِ آمريڪي امداد خاص طور تي ان جي رياستي حيثيت جي شروعاتي مرحلي کي ياد ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن ۾ سيڙپڪاري جاري رکيون پيا اچن ۽ ماحولياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار ??ي اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان آمريڪي اقتصادي حصيداري اسان جي گڏيل لاڳاپن جو مرڪز آهي ۽ آمريڪا پاڪستاني روانگي واپار لاءِ سڀ کان وڏي ما??ڪي?? آهي، پاڪستاني سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم واپاري امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي واپار ??ي وڌائڻ ۽ متبادل توانائي، ماحول دوست ٽيڪنالاجي، صنعت، ڊجيٽل پليٽ فارمز، اعليٰ تعليم ۽ گڏيل فائدي جي ٻين شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ??اءِ تيار آهي. هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي وڏين ۽ متحرڪ شخصيتن جي ڪردار تي زور ڀريندي انهن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ پل قرار ??نو. پاڪستاني سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نئين تحريڪ ڏيڻ ۽ گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي سميت ٻين شعبن ۾ منظم ۽ وسيع البنياد ۽ نتيجي تي ٻڌل ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن رضوان سعيد شيخ جي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۾ سفير طور مقرري جي آجيان ڪندي چيو ته سندس مقرري ۽ آمريڪا اچڻ هر لحاظ کان اهم آهي. صدر جوبائيڊن چيو ته هي اسان جي قومن وچ ۾ 75 سالن کان وڌيڪ عرصي جي دوستي ۽ اقتصادي ڳالهين، سيڪيورٽي سهڪار، عوامي سطح تي لاڳاپن ۽ ثقافتي مٽاسٽا لاءِ اسان جي مستقل وابستگي جي نشاني آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار حصيداري، ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهي. صدر بائيڊن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پنهنجي وقت جي سڀ کان اهم عالمي ۽ علائقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جا ملڪ ماحولياتي تبديلين، علائقائي سلامتي جي خطرن ۽ عالمي سطح تي صحت ج?? صورتحال کي درپيش اهم چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد آهن. اسان کي سلامتي، واپار ۽ سيڙپڪاري، اقتصادي ترقي، يو ايس پاڪستان گرين الائنس جي فريم ورڪ ۽ خوشحالي ۾ گڏيل مفادن کي اجاگر ڪندو رهڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن. اسان دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سهڪار ??ي ساراهيون ٿا. صدر جوبائيڊن چيو ته هو گڏيل ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستاني سفير سان گڏ ڪرڻ جا منتظر آهيون.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ پاران صدر جوبائيڊن کي سفارتي سندون پيش
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن