تهران-19 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان جي ائٽمي ??ڪا??ن تي ڪنهن به قسم جي حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو .العربيه اردو موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اسان جي ملڪ پنهنجي مفادن ۽ پر امن ائٽمي صنعت جي دفاع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جيو ٺهراءُ 533 ائٽمي ??ڪا??ن خلاف ڪنهن به ڌمڪي يا طاقت جي استعمال ڪرڻ کان منع ڪري ٿو، جيڪو عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي نگراني سان مشروط آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو هڪ واضح دستاويز آهي. اهو فيصلو صرف طاقت جي استعمال يا ائٽمي ??ڪا??ن تي حملا روڪڻ تائين محدود ناهي پر ان ۾ مملڪت ??ي پر امن ائٽمي ??ڪا??ن خلاف طاقت جي استعمال جي خطري کي روڪڻ به شامل آهي. هن چيو ته ان ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اهڙن معاملن ۾ دخل اندا??ي ڪرڻ ??ي پابند آهي. هن اعلان ڪيو ته ملڪن ??ي پر امن ايٽمي ??ڪا??ن کي نشانو بنائڻ وارو ڪو به حملو يا خطرو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو يا خلاف ورزي تصور ڪيو ويندو آهي. اسماعيل بقائي چيو ته ان مسئلي لاءِ مينڊيٽ واضح آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اهڙن خطرن جي حوالي سان فيصلاتي ۽ واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي چيو ته ايران پنهنجي مفادن ۽ پنهن??ي پر امن ايٽمي صنعت جي دفاع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. انهن ??ڪا??ن جي خلاف ورزي جي ڪنهن به ڪوشش جو ايران جي حقن ۽ فائدن جي تحفظ لاءِ سخت موقف اختيار ڪيو ويندو.
ائٽمي ٺڪاڻن تي ڪنهن به حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو: ايران
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ