تهران _26 نومبر (اي پي پي ) ايران جي رهبر اعليٰ علي خامنه اي چيو آهي ته ڏوهن واري عالمي عدالت جا غزه ۾ جنگي ڏوهن سبب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ڪافي ناهن، نيتن ياهو کي موت جي سزا ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ، علي خامنه اي تهران ۾ پاسدارن انقلاب جي مليشيا فورس (بسيج ) جي ميمبرن کي خطاب ڪندي غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي انسانيت خلاف ڏوهن جي نشاندهي ڪندي چيو ته نيتن ياهو خلاف گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي ، اهو ڪافي ناهي کيس موت جي سزا ڏني وڃي . اسرائيلي قيادت جيڪا ان ڪم جي سربراهه آهي ا?? لاءِ موت جي سزا جو فيصلو هجڻ گهرجي. شهرين جي رهائشي علائقن تي ب??باري تي رد عمل ظاهر ڪندي ايراني اڳواڻ چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ ماڻهن جي گهرن تي ب??باري ڪا فتح ناهي ، بيوقوف ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته عوام جي گهرن ۽ اسپتالن تي ب??باري ??ري انهن فتح حاصل ??ري ورتي آهي . ڪو به ان کي فتح نٿو سمجهي اهي جيڪو ڪجهه ??ري رهيا آهن. فتح ناهي جنگي ڏوهه آهي .عالمي عدالت 21 نومبر تي پنهنجي فيصلي ۾ اعلان ڪيو هو ته غزه ۾ جنگي ڏوه?? ۽ ??نسانيت خلاف ڏوهن سبب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يوآئو گيلنٽ لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن.
اسرائيل جي وزيراعظم جي سزا ڦاهي آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا