چشما – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف توانائي جي کوٽ، دهشتگردي جي لعنت سميت ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن کي موثر طور تي من??ن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي. هن اها ڳالهه 340 ميگاواٽ جي چشما ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته معيشت جي خراب حالت هئي، توانائي جي کوٽ هئي، 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل هو. هن چيو ته اسان قوم کي مس??لن مان ڪڍڻ جي عزم جو ا ظهار ڪ??و ۽ ان سلسلي ۾ عملي قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته قوم کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ اسان جنهن سفر جي شروعات ڪئي هئي الله جو شڪر آهي ان سلسلي ۾ اڄ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪ??و آهي. چشما ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي مڪمل ٿيڻ ۽ ان منصوبي سان 340 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado