واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صد?? ڊونلڊ ٽرمپ کي 2020ع جي صد??رتي چونڊن دوران رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري جي?? موڪليو ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صد?? بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ مگ شاٽ (جوابدار طور تصوير) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صد?? کي آزاد ڪيو ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اڳوڻي صد?? جي جيل ۾ جوابدارن سان گڏ تصوير ڪڍي وئي. فلٽن ڪائونٽي جيل طرفان جاري تفيص?? موجب کيس قيدي نمبر پي او 1135809 نمبر ڏنو ويو. سندس جسماني معائنو به ڪيو ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري بعد ڊونلڊ ٽرمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو نيو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، نيو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن چيو ته هتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انصاف جو مذاق آهي، مون ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اهو ڄاڻي ٿو. هن پنهنجي خلاف ڪارروائي جي چونڊ مداخلت قرار ڏيندي چيو ته اسان قطئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو حق آهي جيڪو اسان جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان موقعي تي اڳوڻي صد?? صحافين جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صد?? تي فوجداري ڏوهن جو الزام ناهي لڳو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس مجموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea