رياض – 11 ما??چ (اي پي پي)سعودي عرب جي الحرمين الشريفين جي معاملن واري نگران اٿارٽي چيو آهي، ته رمضان المبارڪ دوران مطاف ۾ عمري جي زائرين جي استقبال جون سموريو?? تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اردو نيوز مطابق ا??حرمين اٿارٽي چيو آهي، ته مطاف ويندڙ رست?? تي اهلڪار مقرر آهن، جيڪي عمري جي زائرين جي آجيان ڪند?? ۽ ??ين مطاف ۾ داخل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اٿارٽي ٻڌايو ته مطاف طرف ويندڙ رستن ۾ سڀ کان اهم دروازو باب عبدالعزيز گيٽ آهي. ٻين رستن م باب فهد، باب عمره ۽ باب سلام آهي. ڀلاري مهيني ۾ مطاف رڳو عمرو ڪندڙن لاءِ مختص هوندو جڏهن ته ٻيا زائرين مٿين منزل?? تي طواف ڪري سگهندا. ان حوالي سان سمورا انتظام مڪمل آهن، اٿارٽي ٻين ادارن جي سهڪار سان رمضان المبارڪ آپريشنل پلا?? تيار ڪيو آهي، جنه?? تي عمل ڪيو ويندو ته جيئن زائرين حرم ۾ آساني سان عبادت، طواف ۽ نمازون ادا ڪري سگهن.
سعودي عرب: رمضان المبارڪ دوران مطاف عمري جي زائرين لاءِ مختص
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں