وا??نگٽن _ 23 جولاءِ (اي پي پي ) آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ئي ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد سان ڪندي چيو آهي ته هوءَ آمريڪا ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چُ??نڊ?? ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. اي ايف پي مطابق وليمنگٽن ڊيلاويئر ۾ واقع هيڊ ڪوارٽر ۾ پنهنجي حامين جي خطاب ۾ ڪملا هيرس اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرم?? بابت سخت لفظن جو استعمال ڪيو. صدر جوبائيڊن جي صدارتي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ بعد نامزدگي حاصل ڪندڙ ڪملا هيرس اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽس جي ڪاميابي لاءِ پر عزم آهي. چونڊ ڪارڪنن سان پنهنجي پهرين تقرير ۾ ڪملا هيرس ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ ماضي ۾ هر قسم جي ڏوهارين جو مقابلو ڪري چڪي آهي. خيال رهي ته آمريڪا جي نائب صدر بڻجڻ کان اڳ ڪملا هير?? ڪيلفورنيا رياست جي چيف پراسيڪيوٽر طور ڪم ڪري چڪي آهي.
مضمون کا ماخذ : apostas quina